سنڌ هيرالڊ

سنڌ هيرالڊ (اخبار): هي اخبار سنڌ جي نامياري اديب ڄيٺمل پرسرام، ڪراچيءَ مان 1929ع ڌاري جاري ڪئي، جا انگريزي ٻوليءَ ۾ هفتيوار اخبار هئي. ڄيٺمل هيءَ اخبار پنهنجي ڌيءَ لاءِ گڏيل ڏاج جي پئسن (جيڪي تيرنهن هزار کن هئا) مان جاري ڪئي. هن اخبار جاري ڪرڻ لاءِ پاڻ حيدرآباد مان لڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ رتن تلاءَ تي سمر هائوس نالي بنگلو وٺي ان جي مٿين حصي ۾ ڪٽنب سميت رهڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور جي ڀر ۾ ’راجا پرنٽنگ پريس‘ قائم ڪيائين. هن جو خيال هو ته هو ان کي روزاني اخبار ڪري ڪڍندو، پر اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ اهو مشڪل ڪم هو ۽ پنهنجي دوست لالچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ کي به ڪراچيءَ ۾ گهرائي پاڻ سان گڏ هيٺئين حصي ۾ رهايائين. ترتسنڌ هيرالڊ‘ انگريزيءَ ۾ هفتيوار ڪري ڇاپڻ شروع ڪيائين. ساڻس ’هندستان‘ نالي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ شانتي شهاڻي به سنڌ هيرالڊ جي سَٿ ۾ شامل ٿي. 1931ع ۾ سنڌ هيرالڊ جو سنڌي ايڊيشن روزاني اخبار جي صورت ۾ نڪرڻ لڳو، جنهن جو ايڊيٽر ڄيٺمل پاڻ هو. ڄيٺمل جي پٽ رام پنهنجي ياد گيرين ۾ لکيو آهي ته انهيءَ دؤر ۾ ڄيٺمل کي چڱو نقصان پيو، هو قرض کڻي پريس جي خرچن کي مُنهن ڏيندو هو، پر ڪجهه عرصو منگهارام مهتاڻيءَ سنڌ هيرالڊ جي خرچ پکي ۽ وڪري جون واڳون سنڀاليون ته ٻه ٽي هزار هر مهيني بچڻ لڳا. 1932ع ۾ هڪ انگريز ظالم پادري بابت هڪ رپورٽ ڇپڻ تي سندس پريس کي سرڪار ضبط ڪري نيلام ڪيو، جيڪا ڪشنچند ورتي ۽ ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڻي آيو. اهڙيءَ طرح هيءَ اخبار بند ٿي وئي.


لفظ سنڌ هيرالڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو